عبدالوهـاب بلـوچ مولانا

عبدالوهـاب بلـوچ، مولانا: نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن مولانا عبدالوهاب ولد نورنگ خان لنڊ بلوچ، 1320 هه/ 1902ع ڌاري ڳوٺ سينگاري، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. هن فارسي ۽ عربيءَ جي ابتدائي تعليم بدين جي مدرسي ‘انوار العلوم’ ۾ مولانا احمد ملاح کان ورتي. بعد ۾ پير جهنڊي جي مدرسي دارالرشاد ۾ داخل ٿيو، جتي عربيءَ جي تعليم حاصل ڪري سجاول جي مدرسي دارالفيوض ۾ مولانا فتح علي جتوئي منطقيءَ وٽ ٻه سال پڙهيو. 1924ع ۾ ديوبند مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي مولانا محمد ابراهيم وٽ شرح چغمني، قرآن ۽ تفسير مولانا محمد ادريس ڪانڌيلويءَ وٽ، تفسير بيضاوي مولانا شبير احمد عثمانيءَ وٽ پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. ساڻس گڏ سنڌ جا 16 عالم هم ڪلاسي رهيا، جن ۾ مولانا سعيد احمد گوپانگ، مولانا حبيب الله، مولانا عبدالحق، مولانا نواب الدين چانڊيو، مولانا غلام صديق وغيره قابل ذڪر آهن. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد مولانا عبدالوهاب دهليءَ جي مدرسي فتحپوريءَ ۾ ڇهه مهينا مدرس رهيو. پوءِ وطن اچي مولانا احمد ملاح جي صلاح تي بدين ۾ ‘انوار العلوم’ نالي مدرسو کولي درس تدريس سان لاڳاپجي ويو. جتي ساندهه ٻارهن سال پڙهايائين. هن 1941ع ڌاري بدين مان هفتيوار اخبارحزب اللهجاري ڪئي. وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪانگريس ۾ شامل ٿي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. جنهن ۾ سرگرم ڪارڪن هو ۽ تحريڪ جي اهم اجلاسن ۾ شريڪ ٿي پنهنجا رايا ڏنائين. ان کان سواءِ ڪانگريس ڪميٽي بدين جو نائب صدر به رهيو.
مولانا عبدالوهاب جمعيت العلماءَ سنڌ جو سرگرم ۽ اهم ڪارڪن رهيو ۽ آزاديءَ لاءِ بدين مان اڳواڻيءَ ۾ شامل ٿيندو هو. 1931ع ۾ جمعيت جو نائب صدر ٿي رهيو. هن مکيه عهديدار جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. هن ولايتي ڪپڙي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ديسي ڪپڙي جي استعمال لاءِ آماده ڪندو هو. مولانا عبدالوهاب خاڪسار تحريڪ جو به اهم رڪن هو. کيس بدين ۽ ٽنڊي باگي جي تعلقن لاءِ ‘سالار مندوب’ مقرر ڪيو ويو هو. هن تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو. جنهن دوران هن محب وطنيءَ ۾ ڦٽڪا به کاڌا. هي مسلم ليگ ۾ پڻ رهيو. ورهاڱي تائين ان سان سلهاڙيل رهيو. نامور محقق ڊاڪٽر مظهرالدين سومري پي. ايڇ. ڊي ۾ عبدالوهاب بلوچ کي خلافت تحريڪ جو نامور عالم ڪري لکيو آهي، ۽ سندس وفات جي تاريخ ناهي لکي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو